حڪيم گل محمد قريشي

حڪيم گل محمد قريشي: نـامـيـاري حڪيم حاجي مولانا گل محمد قـريـشيءَ ولد مولانا غلام حـسـين قـريـشـي ڳـوٺ ‘تـرائـي’ تـعلقي مدئجي، ضلعي شڪارپور ۾ جنم ورتو. سندس وڏا پنهنجي وقت جا وڏا بزرگ هئا. هي 1922ع کان لاڙڪاڻي ۾ اچي رهيو. ابتدائي تعليم هاشم ڳوٺ اسحاق ديري، تعلقي ڳڙهي ياسين مان پرائڻ بعد مولانـا ميـر مـحـمـد نورنگيءَ وٽ لاڙڪاڻي ۾ وڌيڪ پڙهيو. هن بزرگ لاهوري محلي لاڙڪاڻي واري ديني مـدرسـي ۾ 13 سال درس ڏنـو. هـن خان بهادر مـحـمـد ايوب کهڙي جـي مدد سـان مـدرسـي دارالاشـاعـت لاءِ هـڪ پـائـي في فوٽ جي حساب سان پلاٽ وٺـي مـدرسو قـائـم ڪـرايو. حـڪـيـم صـاحب پنهنجي تن تي سدائين چادر ڍڪيندو هو. سندس مناظرو شيعن جي عالم نواب امير علي لاهوريءَ سان به ٿـيـو. مـولانـا گـل مـحـمـد قريشي ’معراج رسول‘ عنوان سان هڪ ڪتابچو لـکـيـو، جيـڪو حـاجـي محمد عثمان ميمڻ ’لاهوري محلي، لاڙڪاڻي‘ مان ڇـپـرايـو. ان کان علاوه سندس هيٺيان ڪتاب لکيل آهن: (1) ’خلفاءِ رسول‘، (2) ’الـوظـائـف قـلـمـي‘، (3) ’حـقوق السلام‘ ۽ (4) ’بيان‘ گل محمد (قلمي).


هن صفحي کي شيئر ڪريو